اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان قديم ترين ثقافتن ۽ تاريخي جايون رکندڙ ملڪ طور اڄ سياحت جو عالمي ڏهاڙو ملهائي رهيو آهي، اڄ 27 سيپٽمبر تي سڄي دنيا سياحت جو عالمي ڏهاڙو سياحت ۽ ڳوٺاڻي ت??قي جي عنوان سان ملهائي رهي آهي، وزيراعظم چيو ته هي ڏينهن گڏيل قومن جي عالمي سياحت جي اداري جي اهتمام هيٺ گڏيل قومن جي سمو??ن ميبر ملڪن ۾ ملهايو وڃي ٿو، پاڪستان ع??لمي ڏهاڙي کي پوري جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جي لاءِ سدائين ع??لمي برادري جو ساٿ ڏنو آهي. سياحت جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان جاري پنهنجي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته هلندڙ سال ان ڏينهن جو موضوع سياحت ۽ ڳوٺاڻي ت??قي چونڊيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته سياحت جو شعبو ڳوٺاڻن علائقن جي معاشي ت??قي جا وسيع موقعا فراهم ڪري ٿو جتي اقتصادي سرگرمين جي فروغ جي سخت ضرورت آهي.