اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبو نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي راهه هموار ڪندو، افغانستان ۾ امن ۽ نئين سر ??عمير جي پيش نظر سي پيڪ جي اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهي، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ وڌندڙ تعاون ٻنهي ملڪن جي مضبوط لاڳاپن جي عڪاسي آهي. هو ڪراچي ڪائونسل براءِ ??رڏ??هي لاڳاپن جي اهتمام هيٺ سي پيڪ پرويبينار کي ??طاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم جو خاص مددگار ۽ سي پيڪ اٿارٽي جو چيئرمين لفيٽننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، پاڪستان ۾ چين جو سفير يائو جنگ ۽ ڪراچي ڪائونسل آف فار رليشنز اڪرام سهگل به خطاب ڪيو.