اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ڏورانهن علائقن ۽ پوئتي پيل علائقن خاص طور تي بلوچستان، ضم ٿيل علائقن ۽ سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۾ انٽرنيٽ جي سهولت جي فراهمي ۽ به??ر ڪوريج کي يقيني بڻائڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. هن ٽيلي ڪام سيڪٽر ۾ حڪومت طرفان وڌيڪ مراعتون ڏيڻ جي حوالي سان ناڻي ??اري صلاحڪار، صنعت ۽ پيداوار واري ??زير، منصوبابندي واري ??زير، انفارمي??ن ٽيڪنالاجي واري ??زير ۽ تعليم واري ??زير تي ٻڌل ڪم??ٽي قائم ڪرڻ جي هدايت به ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي ڪوريج کي وڌائن ۽ به??ر بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ آءِ ٽي وارو وفاقي وزير سيد امين الحق، تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود، آءِ ٽي جو سيڪريٽري، پي ٽي اي چيئرمين، سي اي او يونيورسل سروس فنڊ (يو ايس ايف) ۽ ٻيا آفيسر شريڪ ٿيا.