اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ج?? صدارت ۾ ڪورونا وبا جي پيش نظر محرم الحرام جي جلوس ۽ مجلسن جي دوران معياري آپريٽنگ طريقيڪار (ايس او پيز) جي تياري ۽ ڪووڊ 19 جي ازالي لاءِ رهنما اصولن تي عملدرآمد ۾ تعاون ڪرڻ جي لاءِ سڄي ملڪ جي مشهور شيعه عالمن جي فڪري ويهڪ ايوان صدر اسلام آباد ۾ ٿي. جنهن ۾ محرم الحرام جي دوران جلوسن ۽ عزاداري جي لاءِ ايس او پيز تي اتفاق ڪيو ويو، عالم سڳو??ن قومي يڪجهتي ۽ مختلف مڪتبه فڪر ??ي وچ ۾ هم آهنگي برقرار رکڻ ت?? صدر جي ڪردار کي ساراهيو.