اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير ??سد عمر چيو آهي ته ڪورونا وبا جو ڦهلاءُ روڪڻ ??ي لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد ضروري آهي، اسلام آباد ۾ 189 آڪسيجن ??يڊز فراهم ڪيا پيا وڃن، هاٽ اسپاٽ وارن علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون سان وبا جو ڦهلاءُ روڪڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پمز ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته جولاءِ جي آخر تائين 2100 کان وڌيڪ آڪسيجن ??يڊز جو اضافو ڪنداسين، 20 وڏن شهرن ۾ هاٽ اسپاٽ جي نشاندهي ڪئي وئي. ??سد عمر چيو ته پولي ڪلينڪ، پمز ۽ سي ڊي اي اسپتال کي آڪسيجن ??يڊز ڏنا ويندا، هاٽ اسپاٽس ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون سان وبا جو ڦهلاءُ روڪي سگهجي ٿو. هن چيو ته هاٽ اسپاٽس جا تفصيل صوبن کا ڏنا ويا آهن. ٽيڪنالاجي جي مدد سان نشاندهي ڪري سگهنداسين ته ڪهڙن علائقن ۾ وبا وڌيڪ آهي. وفاقي وزير ??سد عمر چيو ته ملڪ ??ي 20 وڏن شهرن ۾ 92 هاٽ اسپاٽ علائقن ۾ لاڪ ڊائون ڪيو آهي.