اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ فيصلو ڪيو ته ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ج?? لاءِ ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائي??دي زندگي جي ڪاروهنوار ۽ ڪاروبار جي وچ ۾ توازن کي برقر??ر رکڻ ج?? پاليسي تي عملدرآمد جاري رهندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ??هڙ?? ڪاروباري شعبن جي منفي لسٽ جاري ڪئي وي??دي جيڪي ڪورونا وائرس جي وڌيڪ ڦهلاءُ کي روڪڻ ج?? سلسلي ۾ بند رهندا جڏهن ته ڪاروباري ۽ واپاري سرگرمين جي هڪ ??هڙ?? فهرست جنهن تي وفاقي حڪومت ۽ صوبن جو اتفاق راءِ ٿيندو، اها صنعتي شعبي کي جاري ڪئي وي??دي جنهن تحت انهن کي پنهنجون سرگرميون ٻيهر جاري رکڻ ج?? اجازت هوندي. زندگي جي ڪاروهنوار ۽ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ جي حوالي سان غيريقيني جي ڪري قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ان ڳالهه کي ورجايو ويو ته اسان کي ڪورونا وائرس سان گڏ رهڻو پوندو جڏهن ته وائرس جو ڦهلاءُ روڪڻ ج?? لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو ويندو.