لاهور – 07 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم ج?? اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪ??ر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته تي??ي سان بدلجندڙ دنيا سوشل ميڊيا جي اهميت کي پهرين کان ڪيترائي ڀيرا وڌائي ڇڏيو آهي، وزيراعظم ج?? خواهش آهي ته عوامي ڀلائي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون سوشل ميڊيا کي هڪ موثر ميڊيم ج?? طور تي استعمال ڪرڻ جي غرض سان جامع پاليسي جوڙين. هو وزيراعليٰ ها??وس لاهور ۾ اطلاعات واري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ سان گڏ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي بهتر حڪمت عملي جوڙڻ جي حوالي سان منعقد اجلاس جي صدارت ڪري رهي هئي، اجلاس ۾ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ، پيمرا، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي)، ر??ڊي?? پاڪستان، پي ٽي وي ۽ ڊي جي پي آر جي آفيسرن شرڪت ڪئي.