اسلام آباد – 26 نومبر (اي ??ي پي) ??زي??اعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جي آبزرويشن جو جائزو ورتو ويو ۽ آرٽيڪل 255 ۾ ترميم ذريعي لفظ مدي ۾ واڌ جي اضافي جي منظوري ڏني وئي. وفاقي ڪابينا ??زي??اعظم عمران خان جي پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي في??لي جي مڪمل حمايت ڪري ڇڏي آهي. وفاقي ??زي?? شفقت محمود، شيخ رشيد احمد ۽ ??زي??اعظم جي احتساب بابت خصوصي معاون شهزاد اڪبر ??زي??اعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي هنگامي اجلاس کانپوءِ پي آءِ ڊي ۾ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيا هئا. پيشيواراڻي تعليم ۽ تربيت واري وفاقي ??زي?? شفقت محمود ڪابينا ا??لاس جي حوالي سان ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا جي هنگامي اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس، عدالت جي آبزرويشن ۽ نوٽيسز جاري ڪرڻ جي معاملي تي غور ڪيو ويو.