راولپنڊي – 13 – آگسٽ (اي پي پي) راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر نديم رئوف آزادي جي ڏهاڙي جي 75 هين سالگرهه ۽ ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي پنهن??ي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان کي هڪ قوم بڻ??ي پاڪستان جو مستقبل سنوارڻو پوندو، ن??ين دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح ۽ مفڪر پاڪستان علامه محمد اقبال جي تصورن جي روشني ۾ عزم، اتحاد ۽ نظم ۽ ضبط سان پاڪستان کي هڪ مضبوط معاشي قوت بڻائينداسين. هن چيو ته واپاري برادري ملڪ جي ترقي لاءِ عملي قدم کڻندي، واپاري برادري پاڪستان ٺاهيندڙن ۾ شامل آهي ۽ ان جي بقاءَ ۽ سلامتي جي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻايو ويندو، اسان کانپوءِ آزاد ٿيندڙ ملڪ اقتصادي ۽ صنعتي ترقي ۾ اسان کان تمام گهڻو اڳتي نڪري ??يا آهن.