اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڀارت کي ڪيترائي ڀيرا ڳالهين جي آڇ جي باوجود ڪو مثبت جواب نه ملڻ تي انتهائي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هاڻي هو ڀارتي هم منصب نريندر مودي سان ڳالهه ٻولهه جو خواهشمند نه آهي، جيڪو والاريل ڪشمير جي مسلمان اڪثريتي خطي جي آبادياتي حيثيت کي تبديل ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، ٻن پاڙيسري ائٽمي ملڪن جي وچ ۾ عسڪري ڇڪتاڻ ۾ اضاف جو خدشو آهي، گڏيل قومن جي امن دستن ۽ مبصرين کي ڀارت?? و??لاريل ڪشمير جو دورو ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. اه??ن خيالن جو اظهار هن آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائيمز کي هڪ انٽرويو ۾ ڪيو.