اسلام آباد – 01 آگسٽ(اي پي پي) سعودي عرب جي نائب وزير خ??لد صالح المظفر چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ برادراڻه تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن، سعو??ي حڪومت پاڪستان سان معدنيات جي شعبي ۾ لاڳاپا وڌائڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خي??لن جو اظهار هن پاڪستان منرلز سمٽ جي افتتاحي سيشن ک?? خطاب ڪندي ڪيو. خ??لد صالح المظفر چيو ته معدنيات وارو شعبو انساني وسيلن جي ترقي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪندو، معدنيات ۾ سيڙپڪاري سان خطي ۾ واپاري سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته 27 لک پاڪستاني سعودي عرب جي ترقي ۾ ا??م ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.