اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان جو افغانستان بابت خصوصي نمائندو آصف دراني هن وقت افغانستان جي دوري تي آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي خصوصي نمائندي جي حيثيت سان پنهنجون ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ هي سندس افغانستان جو پهريون سرڪاري دورو آه??. ه?? چيو ته آصف دراني دوري دوران افغانستان جي وقتي ??ائب وزيراعظم مل?? عبدالڪبير، وقتي ??رڏيهي وزير امير ??ان متقي، واپار واري وقتي ??زير نورالدين عزيزي، صحت واري وقتي ??زير ڊاڪٽر قلندر عباد ۽ اعليٰ تعليم واري وقتي ??زير شيخ ندا سان مل??قات ڪئي. ترجمان چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن کي شامل ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان جي افعانستان بابت خصوصي نمائندي مل??قاتن ۾ علائقائي امن ۽ سلامتي جي گڏيل مضبوط هدفن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ افغانستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان چيو ته پاڪستان دلچسپي جي سمورن معاملن تي عبوري افغان حڪومت سان فعال طور تي ڳالهه ٻولهه جاري رکندو.