اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ موبائيل فونز جي عارضي رجسٽريشن جو نظام جاري ڪري ڇڏيو جڏهن ته وزيراعظم چيو آه?? ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ جلد نان فنانشل پئڪيج جاري ڪنداسين، زراعت، آءِ ٽي ۽ معدنيات جا شعبا پاڪستان جو ??وانگي واپار وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هو سمنڊ پار پاڪستانين جي موبائيل فونز جي لاءِ عارضي رجسٽريسن جي نظام جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. سمنڊ پار پاڪستانين جي نشاندهي تي ذاتي موبائيل فون تي ڪسٽم ڊيوٽي جو مدو 2 مهينن مان وڌائي 120 ڏينهن ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ عارضي رجسٽريشن آن لائين نظام جاري ڪيو آه?? ان تي آءِ ٽي واري وفاقي و??ير ۽ وزارت جي اعليٰ عملدارن، ايف بي ار، پي ٽي اي کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هي هڪ اهم ڊيوائس آه?? جيڪا سمنڊ پار لکين پاڪستانين جي لاءِ هڪ بهترين سهولت آه??. انهن کي اها سهولت گهر ويٺل ملندي. اهي 4 مهينن تائين بنا ٽيڪس ڏيڻ جي پنهنجو فون استعمال ڪري سگهندا. ان ۾ 120 ڏينهن جي واڌ پڻ ڏني ويندي. ان ۾ مخصوص ڪيسز بدران سڀني کي اها سهولت ملڻ گهرجي. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي کي دنيا جي اسرندڙ ملڪن ۾ هن وقت تمام گهڻي سپورٽ ملي آه??. پاڪستان جي آبادي جا ڪروڙين ٻار انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تعليم حاصل ڪري رهيا آه?? ۽ ان ۾ تيزي سان اڳتي وڌي رهيا آه??. ان سيڪٽر ۾ ڪيترائي موقعا آه??، ان کي ضايع نه ٿيڻ ناهي ڏيڻو. آءِ ٽي واري وزارت محنت سان خدمتون سرانجام ڏئي رهي آه??. بجيٽ ۾ وزيراعظم يوٿ اسڪيم تحت نوجوانن جي فني تربيت جي لاءِ فنڊز رکيا ويا آه??. معاشي بحالي جو پروگرام مشڪل سان وجود ۾ آيو آه??. زراعت، آءِ ٽي، معدنيات ۽ روانگي واپار ان جا لازمي عنصر آه??. آءِ ٽي واري وزارت جو ??ن ۾ اهم ڪردار آه??. آءِ ٽي جي تربيت جي لاءِ تيزي سان ڪم ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته موبائي فونز تي ٽيڪس نه هڻڻ جي راءِ صحيح آه?? پر ان تي فيصلي جي لاءِ وڌيڪ گڏيل مشاورت ۽ غور فڪر جي ضرورت آه??. هن چيو ته ملڪ ۾ لکين ٻارن کي ميرٽ تي ٻيهر ليپ ٽاپ ڏنا پيا وڃن. اسڪول جي ٻارن ۽ استادن کي ٽيبليٽ جي فراهمي جو پروگرام پڻ شروع ٿيڻ گهرجي ها. اسڪولن ۾ حاضري جي نظام کي به ڊيجيٽلائيز ڪيو وڃي ته اهو هڪ انقلابي قدم هوندو. ان ۾ ڪا هيرڦير نه ٿي ڪري سگهجي. ووڪيشنل ٽريننگ جي لاءِ آءِ ٽي پارڪ ۾ تيزي آندي وڃي. وزارت جي ٽيم سخت محنت سان ڪم ڪري ته اسان ان سيڪٽر ۾ تيزي سان ترقي ڪري سگهون ٿا. سمنڊ پار پاڪستانين کي موبائيل جي عارضي رجسٽريشن جي سهولت ٻيون ڀيرو به بنا ڪنهن فرق ڏيڻ گهرجي، جيڪڏهن ان ۾ فرق رکيو ويو ته اهو ڳاڙهي ڦيٿي جي ور چڙهي ويندو. ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي وطن واپسي تي جيڪي به سهولتون ڏئي سگهجن ٿيون اهي ڏيڻ گهرجن. ان جي لاءِ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ نان فنانشل پئڪيج جو ??علان ڪري رهيا آه??ون. تقريب کي آءِ ٽي واري وفاقي و??ير سيد امين الحق خطاب ڪندي چيو ته ان عارضي رجسٽريشن جي نظام سان ٻاهرئين ملڪ مان ايندڙ پاڪستانين کي 120 ڏينهن تائين پنهنجو فون بنا ٽيڪس ادا ڪرڻ جي استعمال ڪرڻ جي اجازت هوندي جڏهن ته اهي ان ۾ 120 ڏينهن جي واڌ به ڪرائي سگهن ٿا. هي هڪ سٺو قدم آه??. هن چيو ته ڊيجيٽل پاڪستان جي ويزن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ موبائيل فون تي ٽيڪس نه هجڻ گهرجي. پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو موبائيل فون تيار ڪرڻ جي ڪم جي شروعات ٿي آهي. 28 مختلف ڪمپنيون هتي فون تيار ڪري رهيون آه??. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فون برآمد ڪيا ويا. ايندڙ مهيني اقتدار کان جدا ٿي وينداسين ۽ وڏي اميد آه?? ته وزيراعظم شهباز شريف جي سربراهي ۾ ٻيهر اقتدار ۾ اچي ان ڪم کي اهڙي طرح جاري رکنداسين. وزيراعظم جو ويزن آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافو ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ آه?? جڏهن ته ان جو ويزن سمارٽ فون فار آل آه??. پي ٽي اي چيئرمين ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان پڻ تقريب کي خطاب ڪيو.