اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانسيسي صدر اي??انوئل ميڪرون جي دعوت تي پيرس ۾ منعقد ٿيندڙ نيو گلوبل فنانسنگ پيڪٽ سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ 22 کان 23 جون تائين فرانس جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بي??ن موجب سربراهه اجلاس اڳواڻن کي هڪ نئين گلوبل آرڪيٽيڪچر جي شڪل تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو جيڪو پائيدار ترقي، ماحوليات، توانائي جي منتقلي ۽ موسمياتي تبديلي جي ايجنڊا جي مالي اعانت جي چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. بي??ن موجب سربراهه اجلاس جو مقصد اي??دڙ ٻن س??لن دوران ٻين اهم عالمي تقريبن ۽ ڪانفرنسن جي سلسلي ۾ عالمي مالياتي نظام جي جامع سڌارن جي لاءِ گهربل اصولن ۽ قدمن جي وضاحت ڪرڻ ۽ اتر ۽ ڏکڻ جي وچ ۾ وڌيڪ متوازن ۽ منصفاڻي حصيداري جي راهه هموار ڪرڻ آهي. پاڪستان عالمي مباحثي ۾ هڪ اهم اسٽيڪ هولڊر، جي – 77 اي??ڊ چائنا ۾ هڪ رهنما ۽ موسمياتي تبديلين سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ سڀ کان وڏي اسرندڙ ملڪن مان هڪ جي طور تي سربراهه اجلاس ۾ ٿيندڙ بحث ۾ حصو وٺندو. وزيراعظم بحث ۾ عالمي مالياتي ادارن ۾ سڌا??ن، موسمياتي فنانس، گرين انفراسٽرڪچر، ايس ڊي جيز حاصل ڪرڻ ۽ قرضن بابت حل جي حوالي سان پاڪستان جو موقف ۽ تجويزون پيش ڪندو. وزيراعظم سربراهه اجلاس جي موقعي تي ٻين عالمي اڳواڻن س??ن ملاقاتون پڻ ڪندو.