باڪو – 15 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيج??ن واپار جي فروغ لاءِ مفاهمت جي قرارداد تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. وزيراعظم آفيس ??ي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ لاءِ پاڪستان جي واپا?? واري وزارت ۽ آذربائيجان جي اقتصاديات واري وزارت جي وچ ۾ واپار جي مفاهمتي قرارداد تي صحيحن واري تقريب هتي باڪو ۾ ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي موجودگي ۾ واپا?? واري وزير سيد نويد قمر ۽ آذربائيجان جي اقتصاديات واري وزير ميڪائل جباروف قرارداد تي صحيحون ڪيون. واپار جي مفاهمتي قرارداد تي صحيحن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون خاص طور تي توانائي جي شعبي ۾ واپاري ڪاٿي ۾ اضافو ٿيندو.