اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آ??ين جي گولڊن جوبلي ملهائڻ جي لاءِ هڪ مهيني تا??ين جاري رهندڙ س??گرميون ڪاميابي سان منعقد ڪرڻ تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جا ٿورا مڃيا ۽ ان کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ??سان پنهنجو پاڻ کي انهن چئلينجن جي توسط سان متعارف نه ٿا ڪريون جن کي اسان کي منهن ڏيڻو پوي ٿو پر اسان چئلينجن جو مقابلو ڪهڙي طرح ڪريون ٿا اهو اسان جو تعارف آهي. هن چيو ته ??مرن پاران آ??ين کي پائمال ڪرڻ جي باوجود آخري فتح سدا??ين پاڪستاني عوام جي ٿي آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ??مهوريت جي تسلسل جو سهرو پاڪستاني عوام ڏانهن وڃي ٿو. هن اهو به چيو ته پيپلزپارٽي ڪڏهن به قانون کي پنهنجي هٿ ۾ نه کنيو پر هن ملڪ جي خاطر ٽن نسلن جي قربانين کي ترجيح ڏني. بدترين آمريت جون آزمائشون بيان ڪندي هن چيو ته پيپلزپارٽي سدا??ين جمهوري رستي جي چونڊ ڪئي آهي. پڄاڻي واري اجلاس کي خطاب ڪندي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ پاپولسٽ سياسي افساني سياست کي يرغمال بڻائي رکيو آهي جنهن سان پاڪستان جي عوام کي شديد پريشاني درپيش آهي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام تشدد کي سدا??ين رد ڪري ٿي، ڀلي اها ڪنهن به شڪل ۾ هجي يا ڪنهن نعري تحت شروع ڪيو ويو هجي. پاڪستان جي عوام ۽ سياسي پارٽيون پارليامينٽ، اسپيڪر ۽ سمورن رياستي ادارن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪن ٿيون. هن چيو ته ??من امان جي تازي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي ڇو ته ڪجهه غيرجمهوري عنصر ملڪ کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ????ين کي فوجي آمرن بنا ڪنهن پڇتاءُ جي لتاڙي ڇڏيو جنهن کي عوام جي جدوجهد سان شڪست ٿي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پيپلزپارٽي جارحيت ۽ غيرائيني قدمن جي خلاف پنهنجي جدوجهد جاري رکندي.