راولپنڊي-08 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پي ٽي آءِ چيئرمين عم??ان خان جي الزام?? کي من گهڙت ۽ بدنيتي تي ٻڌل قرار ڏيندي چيو آهي ته ادارو ڪوڙ، غلط بيانن ۽ پروپيگنڊا خلاف قانوني ??ار??وائي ڪرڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين بنا ثبوتن جي انتهائي بي بنياد الزام لڳايا آهن، حاضر سروس فوجي آفيسرن تي بنا ثبوتن جي الزام انتهائي غيرذميوارڻا ۽ بي بنياد آهن، گذريل هڪ سال کان فوجي ۽ انٽيلي جنس اهلڪار?? کي چڙ ڏياريندڙ ۽ سنسني خيز پروپيگنڊا ذريعي سياسي مقصدن لاءِ نشانو ??ڻايو پيو وڃي، لاڳاپيل اڳواڻ?? کي چئون ٿا ته هو ڪوڙا الزام لڳائڻ بند ڪن ۽ قانوني رستي جو سهارو وٺن. ادارو واضح طور تي ڪ??ڙن?? غلط بيانن ۽ پروپيگنڊا خلاف قانوني ??ار??وائي جو حق محفوظ رکي ٿو.