اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي پڻ صدر سان گڏ آهي، ايئرپورٽ تي ب??وچستان جي گورنر ملڪ عبدالولي ڪاڪڙ اعليٰ صوبائي عملدارن سان گڏ صدر جو استقبال ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ ??اران جاري ب??ان ??وجب صدر کي گورنر هائوس ڪوئيٽا اچڻ تي ب??وچستان ڪانسٽيبلري جي دستي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو. بعد ۾ صدر بلوچستان جي گورنر سان ??لاقات پڻ ڪئي، ملاقات ۾ صوبي جي مجموعي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر ٻن ڏينهن جي دوري دوران 34 هين نيشنل گيمز جي پڄاڻي واري تقريب ۾ شرڪت ڪندو. صدر گڊ گورننس جي فروغ ۾ محتسبن جي ڪردار تي سيمينار کي پڻ خطاب ڪندو.