ڪراچي – 28 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري لڪي مروت ۾ سيڪيورٽي فورسز تي ??ملي جي مذمت ڪندي واقعي ۾ ٽن اهلڪارن جي شهادت تي ??فسوس جو اظهار ڪيو. بلا??ل هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد اهلڪارن نائيڪ صو??يدار تاج مير، حوالدار ذاڪر احمد ۽ سپاهي عابد حسين کي ملڪ جي خاطر جان نڇاور ڪرڻ تي ??لام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته شهيد اهلڪارن جي پونئيرن جي ڏک ۾ پوري قوم برابر جي شريڪ آهي، شهيد قوم جا بهادر فرزند هئا. بلاول ڀٽو زرداري دهشتگردن کي جهنم رسيد ڪرڻ تي ??يڪيورٽي فورسز کي شاباس ڏني. هن چيو ته دنيا ڏسي وٺي، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف منهن ڏئي رهيو آهي، فتح انسانيت جي ٿيندي.