اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪ??ڻ تي شهيدن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ متحد آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان م??جب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪ فوج جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. صدر 8 اپريل تي ڏکڻ وزيرستان ۾ شهادت ماڻيندڙ نائيڪ فضل جانان جي وارثن سان رابطو ڪيو. هن 8 اپريل تي خيبر باڙه ۾ شهيد ٿيندڙ نائيڪ نذيرالله محسود ۽ نائب صوبيدار حضرت گل جي پونئيرن سان پڻ فون تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر 5 اپريل تي ڏکڻ وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي حامد رسول جي ڀاءُ سان پڻ فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڊاڪٽر عارف ع??وي شهيدن کي دهشتگردن جي خلاف جنگ ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪ??ڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ متحد آهي. صدر چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ شهيدن جي خدمتن کي سلام پيش ڪ??ي ٿي. هن شهيدن جي درجن جي بلندي جي دعا ڪئي ۽ قوم پاران شهيدن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا. صدر شهيدن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي پڻ دعا ڪئي.