اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) پا??ستان ۾ مختلف ملڪن جي سفيرن ۽ هاءِ ڪمشنرز سينيٽ جي 50 سالا گولڊن جوبلي تقريبن جي موقعي تي پا??ستان کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پا??ستان نه رڳو مسلمان دنيا پر عالمي برادري ۾ هڪ نمايان مقام رکي ٿو، جمهوريت ۽ جمهوري ادارن جي بقا ۾ سمورن مسئلن جو حل لڪل آهي، پا??ستان سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏيون ٿا، دنيا کي درپيش ماحولياتي چئلينجن سميت ٻين بحرانن کي گڏجي حل ڳولڻون پوندو. سينيٽ جي گولڊن جوبلي تقريبن جي ٻي ڏينهن ڪميٽي آف هول کي خ??اب ڪندي اردن جي سفير ابراهيم المدني پا??ستان جي سينيٽ جي گولڊن جوبلي تقريبون منعقد ڪرڻ تي پا??ستان کي مبارڪون ڏيندي چيو ته اسلام ۾ مشاورت جو واضح تصورآهي، پا??ستان ۽ اردن وچ ۾ ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ رابطا موجود آهن، فلسطين جي سفير احمد ربيع فلسطين جي صدر محمود عباس طرفان مبارڪون ڏيندي چيو ته مسجد اقصيٰ جي حوالي سان علامه اقبال ۽ قائداعظم جو موقف هو ته ان جو احترام پا??ستان جي عوام جي دلين ۾ آهي، هي مرڪز اسلامي جي حيثيت رکي ٿو، اميد آهي ته تمام جد مسجد اقصيٰ ۾ آزادي سان عبادت ڪري سگهنداسين، پا??ستاني قوم، فوج، حڪومت پا??ستان سدائين فلسطين سان گڏ بيٺل رهي آهي، هن چيو ته هڪ هفتي کانپوءِ 23 مارچ يوم پا??ستان آهي ۽ گڏ ئي رمضان شروع ٿي رهيو آهي ان تي فلسطين طرفان مبارڪون پيش ڪريون ٿا. ڏکڻ آفريقا جي هاءِ ڪمشنر ايم مدي ڪيزا چيو ته هن ايوان ۾ 50 سالا گولڊن جوبلي تقريبن کي خ??اب منهنجي لاءِ اعزاز آهي، هن چيو ته 24 سال اڳ نيلسن منڊيلا پا??ستان جي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خ??اب ڪيو هو، پا??ستان جي 1973ع جي آئين ۾ انساني حقن جي تحفظ جو باب ڏکڻ آفريقا جي لاءِ اهم آهي، هن ايوان آفريقي ملڪن جي آزادي جي تحريڪن جي حمايت پڻ ڪئي، آفريقا ۾ پا??ستان جي امن فوج جي جوانن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، پا??ستان جي هن ايوان کي گولڊن جوبلي تي مبارڪون ڏيون ٿا، موريشس جي هاءِ ڪمشنر آر ايس صوبيدار سينيٽ جي 50 سالا تقريبن تي مبارڪون ڏيندي چيو ته ادارا قوم لاءِ واچ ڊاگ جو ڪردار ادا ڪندا آهن، قانون جي حڪمراني احتساب انهن ادارن جي ذميواري آهي، موريشس هڪ ننڍڙو ملڪ آهي پر هتي حقيقي جمهوريت آهي، بيلاروسجي سفير آندري ??يٽلٽسا چيو ته سينيٽ جي 50هين سالگرهه تي پا??ستاني قوم کي مبارڪون پيش ڪريان ٿو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ بين الپارلياماني لاڳاپا ٻه طرفي تعاون ۾ اهميت رکندڙ آهن، پا??ستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعاڳو آهيون، پا??ستان ۾ يمن جي سفير چيو ته يمن شوري ڪائونسل جي چيئرمين طرفان گولڊن جوبلي تقريبن تي مبارڪون پيش ڪريون ٿا، هي منهنجي لاءِ اعزاز آهي ته آئون هن تقريب ۾ شريڪ آهيان، اسان جي عوام ۽ حڪومت يمن جي امن ۽ استحڪام لاءِ پا??ستان جي ڪردار جا معترف آهيون. مراڪش جي سفير محمد ڪرمو خ??اب ڪندي چيو ته مراڪش 1912ع کان وٺي 1956ع تائين فرانس جي قبضي هيٺ رهيو، اتر اولهه آفريقي ملڪن وانگر مراڪش کي به فرانس کان آزادي وٺڻ لاءِ هٿياربند جدوجهد مان گذرڻو پيو، مراڪش جي آزادي جي جدوجهد جي اڳواڻ احمد عبدالسلام بالا فريگ کي پا??ستان پنهنجو ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ جاري ڪيو هو، هن کي اهو پاسپورٽ ان وقت ڏنو ويو هو جڏهن فرانس کيس گڏيل قومن ۾ ڳالهه ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو احمد بالا فريد اهو پاسپورٽ استعمال ڪري ئي گڏيل قومن ۾ خ??اب ڪري سگهندو هو، ان خ??اب ۾ هو مراڪش جي آزادي جي مسئلي کي دنيا جي سامهون آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو، ان جي ڪجهه سالن کانپوءِ ئي 1956ع ۾ مراڪش آزادي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، احمد بالا فريگ 1956ع ۾ پرڏيهي وزير بڻجندي ئي پا??ستان جو دورو ڪيو هو، پا??ستان مراڪش کي زرعي شعبي ۾ تحقيق ۾ مدد جي آڇ ڪئي جنهن ۾ ڪپهه جو ٻج، ڌاڳو ۽ ڪپڙي جي ٽيٽنگ جي سهولت مفت فراهم ڪرڻ جي آڇ شامل هئي.