اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته عور?? انٽر پرينيور جو ملڪي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي، عورتن کي معاشي طور تي خودمختيار بڻائڻ جي لاءِ واپار واري وزارت، ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي، اسلام آباد وومين چيمبر ??ف ڪامرس سان گڏوگڏ اسلام آباد چيمبر ??ف ڪامرس جون ڪوششون ??اراهه جوڳيون ??هن، عورتون مجموعي ملڪي آبادي جو 51 سيڪڙو آهن، جيڪي ملڪي معاشي ترقي ۾ مردن سان گڏ ڪردار ادا ڪري رهيون ??هن. اهڙن خيال?? جو اظهار هن اسلام آباد چيمبر ??ف ڪامرس ۾ عورتون ??نٽرپرينيور جي حوصلا افزائي جي لاءِ ”هر هنر“ نمائش جي پري لانچنگ تقريب ۽ نمائش جي آفيشل لوگو جي رونمائي تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد عور?? انٽرپرينيور جي حوصلا افزائي جي لاءِ ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان جي قدمن کي ساراهيو ۽ يقين ڏياريو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزار?? ان ايونٽ کي ڪامياب بڻائڻ ۾ ڀرپور مدد ڪندي. هن چيو ته عورتن جي لاءِ هڪ جدا پليٽ فارم طور ٽي ڊيپ هڪ سٺي ڪوشش ڪئي آهي جنهن سان ڏورانهن علائق?? جون عورتون ??ن نمائش جي لاءِ اچي رهيون ??هن. هن چيو ته ڪنهن به معاشري جي ترقي لاءِ اهو ضروري آهي ته مرد عورتن جي مدد ڪن.
وفاقي سيڪريٽري چيو ته عورتون ??نٽرپرينيور جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ان حوالي سان عورتن کي واپار دوست ماحول جي فراهمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. تقريب کي ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل محمد نصير پڻ خطاب ڪيو، هن چيو ته عور?? انٽرپرينيور کي گلوبل سطح تي متعارف ڪرائڻ جون ڪوششون ??اري آهن ۽ ٽي ڊيپ ڪاروباري عورتن جي ترقي ۽ ان جي فروغ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيو آهي. ان موقعي تي ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مريم ممتاز هر هنر نمائش جي مقصدن بابت پريزنٽيشن ڏني ۽ ٻڌايو ته عورتون ??نٽرپرينيورز جي حوصلا افزائي جي لاءِ نمائش 4 کان 5 مارچ پاڪ چائنا فرينڊشپ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندي. جنهن ۾ سڄي ملڪ مان خاص طور تي اترين علائق?? جون عورتون ??نٽرپرينيورز پنهنجي مصنوعات جي نمائش ڪنديون. تقريب کي اسلام آباد وومين چيمبرز ??ف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر رضوانه چوڌري، آءِ ٽي ايڪسپرٽ سدره چيما ۽ ماهنور فاطمه پڻ خطاب ڪيو ۽ چيو ته عورتن جي معاشي خودمختياري جي لاءِ پاڪستان حڪومت واپار واري وزارت ۽ ٽي ڊيپ جا قدم ساراهه جوڳا آهن. تقريب کي اسلام آباد چيمبر ??ف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر احسن ظفر بختاوري چيو ته ملڪي معاشي ترقي خاص طور تي عور?? انٽرپرينيورز جي ترقي لاءِ واپار دوست پاليسي?? جو فروغ ۽ عور?? انٽرپرينيورز کي سهولتن جي فراهمي تمام اهم آهي. هن چيو ته عورتن کي معاشي خودمختيار بڻائڻ ۽ معاشرتي خوشحالي جي لاءِ اهڙي قسم جون نمائشون ??مام گهڻيون لاڀائتيُون ??ابت ٿينديون.
تقريب جي پڄاڻي تي اسلام آباد چيمبر ??ف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر احسن ظفر بختاوري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل محمد نصير کي سووينيئرز پيش ڪيا ويا.