اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه ۾ زلزلي ??ي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ??يو آهي ته پاڪستاني ڊا??ٽرن، پيراميڊڪس ۽ ريسڪ??و اهلڪارن تي ٻڌل خصوصي ٽيمون ترڪيه ۾ جاري ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪمن ۾ هٿ ونڊرائڻ جي لاءِ موڪليون پيون وڃن، تمام جلد هڪ هوائي جهاز به ضرورت جون شيون ۽ دوائون کڻي ترڪيه روانو ڪيو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن ??يو ته سندس به ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي، مون ترڪيه ۾ زلزلي ??ي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، مون کيس ??يو آهي ته پاڪستان مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي ترڪ ڀينرن ڀائرن جي هر قسم جي مدد جي لاءِ گڏ بيٺل آهي. هن ??يو ته پاڪستاني ڊا??ٽرن، پيراميڊڪس ۽ ريسڪ??و اهلڪارن تي ٻڌل خصوصي ٽيمون ترڪيه ۾ جاري ريسڪيو ۽ مدد جي ڪمن ۾ هٿ ونڊرائڻ جي لاءِ موڪليون پيون وڃن، تمام جلد هڪ هوائي جهاز به ضرورت جون شيون ۽ دوائون کڻي ترڪيه روانو ڪيو ويندو.