اسلام آباد -05 فيبروري (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي، ته پاڪستان ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ حمايت جي ڀرپو?? عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان غيرقانوني ڀارتي ق??ضي، والاريل ڪشمير جي عوام سان حمايت جي مڪمل عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارت جي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ري??ست?? دهشتگردي جاري آهي پر ان سان ڪشميرين جي آزادي جي عزم کي گهٽائي نٿو سگهجي. وفاقي وزير عالمي برادري تي زور ڀريو ته اها ڪشميرين سان را??ِ شماري بابت ڪيل پنهنجا واعدا پورا ڪري.