اسلام آباد-30 نومبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت ايندڙ هفتي عالمي شراڪتدارن سا?? ٻو?? کانپوءِ بحالي، نئين سر تعمير تي ٻ??ل (آر ايف ايس 4) جو هڪ جامع فريم ورڪ شيئر ڪندي ته جيئن ان کي باقاعده طور تي ڊونرز ڪانفرنس ۾ پيش ڪيو وڃي، جيڪا ايندڙ سا?? جنوري ۾ منعقد ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻو?? کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي حوالي سا?? ڊونرز سا?? هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وزارت جي جوائنٽ سيڪريٽري، ميمبر انفرااسٽرڪچر، عالمي شراڪتدارن ۽ سمورن سفارتخانن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ايندڙ هفتي جامع فريم ورڪ حصيدارن سا?? شيئر ڪيو ويندو ته جيئن هو ان جو مطالعو ڪري سگهن ۽ انهن جي قيمتي راءِ سا?? منصوبابندي واري وزارت کي مدد ملندي جنهن کي باقاعده طور تي جنوري ۾ ٿيندڙ ڊونرز ڪانفرنس ۾ پيش ڪيو ويندو. وفاقي وزير عالمي شراڪتدارن تي بحالي جي مرحلي ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکڻ تي زور ڀريندي چيو ته ڊونرز ٻو?? کان فورن پوءِ ريسڪيو ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو هو جنهن کي پاڪستان قدر جي نگاهه سا?? ڏسي ٿو ۽ پاڪستان اميد ڪري ٿو ته هي سلسلو ايندڙ مرحلي ۾ جاري رهندو. اجلاس ۾ منصوبابندي وزارت جي عملدارن شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏيندي آر ايف ايس 4 جي اهميت تي روشني وڌي، جن 17 شعبن خاص طور تي انفرا اسٽرڪچر، تعليم ۽ صحت تي عملدرآمد لاءِ فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي ۽ جن کي موسمياتي تبديلين کي نظر ۾ رکندي بڻايو ويو. وڌيڪ اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري شرڪت ڪندڙن کي ٻ??ايو ته ٻو?? کانپوءِ سندن وزارت پڻ ان عمل ۾ شريڪ آهي ۽ اڄ ڊونرز سا?? هڪ اهم اجلاس ٿيندو . ان موقعي تي ڊونرز حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ آئنده ڊونرز ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکڻ جي خاطري پڻ ڪرائي.