اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي( منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير ۽ اين ايف آر سي سي جي سربراهه پروفيسر احسن اقبال هدايت ڪئي آهي ته ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ جتي سياري جي موسم اچي ??ڪي آهي، اتي متاثر ماڻهن لاءِ گرم ڪپ??ن ۽ بسترن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. اها هدايت هن اين ايف آر سي سي ۾ پنهنجي صدا??ت هيٺ اجلاس ۾ ڏني. ان موقعي تي اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي عملدارن بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ وفاقي وزير هدايت ڪئي ته ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ جتي مو??م سيءُ واري ٿي وئي آهي اتي متاثر ماڻهن لاءِ گرم ڪپ??ن ۽ بسترن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. هن ٻوڏ سبب متاثر آبادگارن کي بنا وياج جي قرض ڏيڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن هو پنهنجا فصل ٻيهر تيار ڪري سگهن. وفاقي وزير فصلن جي پوکي لاءِ مشينري جي خريداري لاء?? لاڳاپيل اختيارين کي جلد لائحه عمل تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ خوراڪ واري وزارت کي ان حوالي سان جلد بريفنگ جي هدايت ڪئي وئي آهي.