نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ز??دا??ي آمريڪا جي انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن جي سي اي او اسڪاٽ ناٿن سان ملاقات ڪئي. پرڏيه?? آفيس موجب بلاول ڀٽو ز??دا??ي اسڪاٽ ناٿن جي وچ ۾ ملاقات ۾ نجي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. پرڏيهي وزير ۽ اسڪاٽ ناٿن جي وچ ۾ توانائي، زراعت کانسواءِ موسمياتي تبديلين سان مقابلي جي منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ز??دا??ي چيو ته معيشت ۽ عورتن جي خودمختياري پاڪستان جي اولين ترجيح آهي. ??ن اسڪاٽ ناٿن کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.