ڪراچي- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جو سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ رليف اينڊ ريسڪيو آپريشن جاري آهي. جاري پڌرائي موجب پاڪ بحريه جا جوان سنڌ جي مختلف علائقن سانگهڙ، ميهڙ، سلطان ڪوٽ، شاهه بندر، دولت پور، چوهڙ جمالي، سجاول ۽ ٺٽي ۾ ??مد??دي ڪارروين ۾ حصو وٺي رهيا آهن. پاڪ بحريه سنڌ سان گڏوگڏ ??مد??دي ڪارروائين جو دائرو پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي ٻوڏ سٽيل علائقن تائين وڌائي ڇڏيو آهي، پاڪ بحريه جا جوان ٻيڙين ۽ هيلي ڪاپٽرن ذريعي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي محفوظ هن??ن تي منتقل ڪر?? رهيا آهن. پاڪ بحريه طرفان متاثرن ۾ راشن بيگ، تيار کاڌو، صاف پاڻي ۽ ٻيون ضروري شيون ورهايون پيون وڃن. پاڪ بحريه طرفان راجن پور، سانگهڙ ۽ ڊي آءِ خ??ن ۾ ميڊيڪل ڪيمپس کانسواءِ مختلف علائقن ۾ موبائيل ميڊيڪل ٽيمون به ڪم ڪر?? رهيون آهن، پاڪ بحريه جي جوانن ڊيره اسماعيل خان ۾ چشمه روڊ جي عارضي مرمت کانپوءِ ان کي عام ٽريفڪ لاءِ کولي ڇڏيو آهي.