سرينگر – 03 – آگسٽ (اي پي پي) غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر ا??واڻ پروفيسر عبدالغني بٽ چيو آهي ته ڪشميري عوام پراڻي ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل جي لاءِ پنهنجي پرامن آزادي جي جدوجهد جاري رکي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب پروفيسر عبدالغني بٽ بڊگام جي مختلف علائقن مڪهامه، رتسونه ۽ سنور ڪالي پوره ۾ عوامي ميڙن کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت کي والاريل ڪشمير سميت سمورن حل طلب مسئل?? جي حل لاءِ ??ال??يون ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته ڪشميري عوام خطي ۾ امن ۽ خوشحالي کي ي??يني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپ?? جي خواهشمند آهي. هن چيو ته ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ سمورا حل طلب مسئلا خاص طور تي ڪشمير تڪرار کي بامعنيٰ ۽ نتيجاخيز ??ال??ين واري عمل ذريعي حل ڪرڻ گهرجي. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر ا??واڻ چيو ته نه رڳو خطي پر پوري دنيا جي جاگرافيائي سياسي صورتحال تبديل ٿي رهي آهي جيڪا ننڍن ۽ غريب ملڪ?? جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. هن وڌيڪ ??يو ته خطي ۾ پائيدار ام?? جي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي کي ??ال??ين ذريعي سمورن حل طلب مسئلن خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار کي حل ڪرڻو پوندو.