ڪوئيٽا – 02 – آگسٽ (اي پي پي) قبائلي اڳواڻ مير منظور احمد پلال چيو آه?? ته ڀارت پاران والاريل ڪشمير کان آزادي جو حق کسي انهن جو استحصال ڪيو ويو، 5 آگسٽ تي سڄي پاڪستان ۾ استحصال ڏهاڙو ملهايو ويندو جنهن ۾ ڀارتي حڪومت جي غيرقانوني عمل جي ڀرپور مذمت ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته ڀارت انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي خلاف ور??ي ڪندو آيو آه??، ٽي سال اڳ به ڀارت گڏيل قومن جي قراردادن جي کليل خلاف ور??ي ڪندي ڪشميرين جي آزادي کي لتاڙيندي انهن کي انهن جي آئيني ۽ قانوني حق کان محروم ڪيو، ڀارت ڪشمير ۾ جيڪو ظلم ۽ ڏا?? جو دور شروع ڪيو اسان ان جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ??ه اسان بطور پاڪستاني ڪشميرين جو هر فورم تي ساٿ ڏينداسين ۽ ڪشمير جي آزادي جو آواز اٿاريندا رهنداسين. هن ان عزم جو اظهار ڪندي چيو ??ه انشاءَ الله هڪ ڏينهن ضرور ايندو جڏهن ڪشمير آزاد ٿيندو ۽ ظلم ۽ ڏا?? جو دور ختم ٿيندو.