اسلام آباد – 05 – جولاءِ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف ناليواري سول سرونٽ عبدالله مرحوم جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هو سي ايس ??ي 1967ع بئچ سان تعلق رکندو هو. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م چيو ته سول سرونٽ عبدالله جي لاڏاڻي تي گهرو ڏک ٿيو، الله کيس جنت ۾ جڳهه ڏي. عبدالله مرحوم هڪ فرض شناس سول سرونٽ، هڪ ناليوارو اسڪالر ۽ اسلام جي محققين مان هڪ هو. وزي??اع??م چيو ته عبدالله مرحوم جو سروس دوران ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ۽ ملڪ جي لاءِ اڻٿڪ محنت سول سرونٽس جي لاءِ پوئلڳي قابل رول ماڊل آ??ي. اسان جون سموريون همدرديون مرحوم جي گهروارن سان گڏ آهن. الله تعاليٰ انهن کي صبر جميل عطا فرمائي.