اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) ??زي??اعظم شهباز شريف قوم تي زور ڏنو آهي ته هاڻي ڪم تي ڌيان ڏنو وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ??زي??اعظم چ??و ته هو اميد ڪري ٿو ته عوام عيد جون موڪلون پنهنجي گهرڀاتين سان سٺي طريقي سان گذاريون ۽ آرام به ڪري ورتو، هاڻي اسان کي ڪم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. عيد جي چئن موڪلن کانپوءِ جمعي ڏينهن آفيسون کلي ويون ۽ ڪاروبار زندگي به بحال ٿي ويو. ??زي??اعظم شهباز شريف جيڪو هڪ بهترين منتظر ۽ ڪم کي تيزي سان سرانجام ڏيڻ ۽ پڄاڻي تائين پهچائڻ جي شهرت رکندڙ آهي، قوم کان به اميد رکون ٿا ته اها ان جي پيروي ڪندي ملڪي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ محنت، لڳاءُ ۽ جانفشاني سان ڪم ڪري. ??زي??اعظم جنهن عيد جون موڪلون لاهور ۾ گذاريون، جمعي ڏينهن صبح سوير اسلام آباد پهچي ويو ۽ پنهنجي آفيس ۾ پنهنجي فرضن جي ادائيگي شروع ڪري ڇڏي. ٻئي طرف ??زي??اعظم پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ لاهور ميٽرو مان فائدو کڻندڙ عام ماڻهن جي ڪهاڻي جي عڪاسي ڪندڙ فيضان احمد جي ڪم کي ساراهيو. ??زي??اعظم چ??و ته فيضان احمد لاهور ميٽرو سان عام ماڻهو کي ملندڙ سفري سهولت کي بهترين طريقي سان اجاگر ڪيو. ??زي??اعظم چ??و ته هو ان عڪاسي کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي.