اسلام آب??د ?? 12 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ کي درپيش سنگين م??اش?? صورتحال ۽ اقتصادي چئلينجز مان نڪرڻ جي لاءِ هنگامي بنيادن تي م??اش?? تجويزُو?? ۽ ??فارشُون جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هدايت ڪئي ته اهي تجويزون زراعت، صنعت، سيڙپڪاري، بئنڪاري، واپارين، ڪاروباري برادري سميت سمور?? لاڳاپيل طبقن جي راءِ جي روشني ۾ جوڙيون وڃن. ان سلسلي ۾ اي??در ڪجهه ڏينهن ۾ سمٽ منعقد ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي. بيان موجب حڪومت نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اها ڪائونسل غيرجانبدار ۽ ناليوارن م??اش?? ماهرن تي ٻڌل هوندي. وزارت عظميٰ جو عهدو باضابطا سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جي صدارت ۾ هنگامي اجلاس ۾ م??اش?? ماهرن کي سفارشن جي تياري جو حڪم ڏنو ويو آهي. ناڻي واري سيڪريٽري اجلاس ۾ ملڪي م??اش?? صورتحال، روينيو، بجيٽ خسارن، داخلي ۽ ٻاهرئين قرضن جي صورتحال سميت مجموعي قومي بيلنس شيٽ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته م??اش?? صورتحال ۽ سنگين مالي خطرن کي ڏسندي فوري، وچولي ۽ ڊگهي مدي وارن هدفن جو واضح تعين ڪيو وڃي. هن اها هدايت به ڪئي ته پاليسي آپشنز تي ٺوس سفارشون پيش ڪيون وڃن ته جيئن انهن جي روشني ۾ ٺوس قدم کڻي سگهجن. وزيراعظم عوام کي ريليف ڏيڻ ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان پڻ ٺوس تجويزون جوڙڻ جي هدايت پڻ ڪئي. ان کانسواءِ هن رمضان المبارڪ ۾ رمضان بازار جي مانيٽرنگ ۽ ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ فوري گهٽتائي آڻڻ جو پڻ حڪم ڏنو. هن چيو ته اسان کي قومي ۽ عوامي مفادن جي وچ ۾ بهترين توازن سان اڳتي وڌڻو آهي.