اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ سندس فلسطيني هم منصب رياض المالڪي جي وچ ۾ ملاقات ٿي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪ??تا?? ۽ فلسط??ن جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي ۽ پارلياماني رابطن جي فروغ لاءِ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، فلسط??ن جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي، عالمي م??ام??ن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪ??تا?? فلسطين سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. فلسطيني پرڏيهي وزير فلسط??ن جي موجوده صورتحال کان پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو. شاهه محمود قريشي پاڪ??تا?? جي قيادت ۽ عوام پاران فلسط??ن جي قيادت ۽ عوام جي لاءِ يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ وزيراعظم عمران خان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس کي خطاب ڪندي فلسطين مسئلي طرف عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرايو ۽ ان پراڻي مسئلي جي جلد منصفاڻي حل جي مطالبي تي زور ڏنو. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪ??تا?? او آءِ سي سميت سمورن عالمي فورمن تي فلسطين مسئلي جي لاءِ آواز اٿاريندو رهيو آهي، پاڪ??تا?? فلسط??ن جي حوالي سان پنهنجي اصولي ۽ واضح موقف تي قائم آهي. هن چيو ته فلسط??ن جي حوالي سان پاڪ??تا?? جي پاليسي پاڪ??تا??ي عوام جي جذبن جي ترجمان آهي. فلسطيني پرڏيهي وزير فلسطين ۾ جنگبندي جي لاءِ پاڪ??تا?? جي متحرڪ ۽ فعال ڪردار کي ساراهيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پاڪ??تا??ي قيادت جا ٿورا مڃيا.