اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته رضا رباني فرمائي ٿو ته پي آءِ اي کانسواءِ ڪنهن به ايئر لائين کي اندرون ملڪ اڏامن جي اجازت نه هجڻ گهرجي، اهي ماڻهو اڃا تائين مارڪسزم ۾ ڦاٿل آهن. پنه??جي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جيڪڏهن ??يپ??زپارٽي 70ع جي ڏهاڪي ۾ نيشنلائيزيشن نه ڪئي هجي ها ته اڄ اسان عالمي اقتصادي طاقت هجون ها.