اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ چين جي دوري جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي، حماد اظهر، شوڪت ت??ين?? چوڌري فواد حسين، اسد عمر، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، آر??ي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، سي پيڪ بابت خاص معاون خالد منصور ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب ??جلاس ۾ وزيراعظم جي چين جي دوري جي دوران سيڙپڪاري، واپار، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ روانگي واپار جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ ٺوس منصوبن تي چيني عملدارن سان جا??ي ڳالهه ٻولهه تي بريفنگ ڏني وئي.