اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي عوام کي صحت لاءِ محفوظ کير سميت کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي تي زور ڏيندي چيو آهي ته معياري مصنوعات جي تياري اولين ترجيح هجڻ گهرجي، ??ڪومت لائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري جي شعبي سان ڀرپور ??عاون ڪيو آ??ي، وڌندڙ آبادي سان گڏ صحت، تعليم ۽ روزگار جي فراهمي تي به ڌيان ڏيڻو پوندو، آبادي ۾ اضافي کي نظر ۾ رکي زرعي پيداوار وڌائڻ لازمي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن”محفوظ کير تي قومي مڪالمي“ کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو اهتمام پاڪستان ڊيري ايسوسيئيشن نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزارت جي حصيداري سان ڪيو هو. تقريب ۾ وفاقي وزير سيد فخر امام، خاتون اول بيگم ثمينه عار?? علوي، پنجاب فوڊ اٿارٽي جي چيئرمين عمر تنوير ۽ پاڪستان ڊيري ايسوسيئيشن جي عهديدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته اسان پنهنجي ٻارن جي صحت سان ٺاهه نه ٿا ڪري سگهون، کير ۽ ڊيري مصنوعات جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته پاڪستان کير پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ سرفهرست آ??ي، کير کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي طريقا لاڳو آهن. صدر چيو ته قومي مڪالمي کي خطاب ان لاءِ اعزاز جو سبب آهي، ??بادي وڌيڪ هجي ته حڪومت جون ڪيتريون ئي ترجيحون هونيون آهن، وڌندڙ آبادي سان صحت، تعليم ۽ روزگار جي فراهمي تي پڻ ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته آبادي ۾ اضافي جي ڪري زرعي پيداوار وڌائڻ ضروري آهي. هن چيو ته حڪومت لائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري جي شعبي سان ڀرپور ??عاون ڪيو آهي ۽ اڳتي به پاڪستان ڊيري ايسوسيئيشن جي تجويزن تي غور ڪنداسين. صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي چيو ته ملاوٽ هڪ خراب ڪيفيت آ??ي، معياري ۽ ملاوٽ کان پاڪ شين جي ماڻهن کي فراهمي لازمي آهي. ٻارن، جي اسٽنٽنگ ۽ خوراڪ جي کوٽ جي مسئلي ي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آ??ي، ماءُ جو کير سڀ کان محفوظ ۽ ضروري ا??ي، ٻارن کي جڏهن مناسب غذا نه ملندي ته ان جو وزن نه وڌندو، کير انهن جي لاءِ هڪ مڪمل غذا آ??ي، ٻار جي لاءِ ماءُ جي کير کان بهتر ڪا خوراڪ نه آهي، ??هتر صحت جي لاءِ احتياط ۽ پرهيز تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته ان مقصد جي لاءِ عوام کي آگاهي ڏيڻ گهرجي، ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت پڻ مختلف پروگرامن سان ماڻهن کي آگاهي ڏني وئي، ??سان احتياط ذريعي بيمارين جو تدارڪ ڪري سگهون ٿا.