اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ??وام لاءِ صحت، تعليم، سس??ي رهائش، سماجي تحفظ ۽ صاف پاڻي جهڙين بنيادي سهولتن جي فراهمي جي منصوبن جي تڪميل ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻائي رهي آهي. اها ڳالهه هن پنجاب جي گورنر چوڌري سرور سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ??نگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ آبِ پاڪ اٿارٽي ۽ سڄي صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۾ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.