لاهور – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته اسان معاشري جي ڪمزور طبقن جي ترقي، ڀلائي ۽ بهتري تي ڌيان ڏئي رهيا آه??ون، مديني جي رياست جو ماڊل معاشري جي پيڙهيل ۽ ڪمزور طبقن جو خيال رکڻ تي تمام گهڻو زور ڏي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان لاهور جنرل اسپتال جي سامهون فيروز پور روڊ تي پناهگاهه لاهور جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته پناهگاهن جي رهواسين جي محفوظ ۽ آرامده قيام کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا امڪاني قدم کنيا وڃن. ان کان اڳ وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پناهگاهه لاهور ۾ 80 ماڻهن ۽ 20 عورتن جي رهڻ جي گنجائش موجود آه?? ۽ اهي پناهگاهون تما?? جديد شهري سهولتن سان آراسته آه??. انهن سهولتن ۾ استقباليه، انتظار گاهه، نگراني جو نظام، بهترين ڪچن، مردن ۽ عورتن لاءِ کاڌي جي جاءِ، فلٽر ٿيل پاڻي، نماز ادا ڪرڻ لاءِ مختص جڳهه، صفائي، لانڊري ۽ بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي شامل آه??. احساس سينٽر شٽل سروس، معذور ماڻهن جي لاءِ سهولتن ۽ عورتن جي ڌار منزل پناه گاهه لاهور جون اهم خاصيتون آه??.