اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي بلوچستان اسيمبلي جي نئين ??ون??يل اسپيڪر مير جان محمد جم??لي جي خيريت د??يافت ڪرڻ ڪوئيٽا ۾ سندس رهائشگاهه تي ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب بلوچستان اسيمبلي جي نئين ??ون??يل اسپيڪر جان محمد جم??لي جي طبيعت گذريل ڪجهه ڏينهن کان ناساز آهي. سينيٽ چيئرمين جان محمد جم??لي جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي، سينيٽ چيئرمين جان محمد جم??لي کي مڪمل آرام جو مشورو به ڏنو، ملاقات دوران ملڪي صورتحال ۽ خاص طور تي بلوچستان جي اقتصادي صورتحال، ترقياتي منصوبن ۽ اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جان محمد جم??لي خيريت د??يافت ڪرڻ تي سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي جو ٿورو ادا ڪيو، سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي به سينيٽ چيئرمين سان گڏ هو. ڊپٽي چيئرمين به جان محمد جم??لي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.