اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري سي??ريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته نبي ڪريم ﷺ ج?? تعليمات تي عمل ڪاميابي جي ڪنجي آهي. عيد ميلاد ال??بي ﷺ جي حوال?? سان پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري سي??ريٽري شاهيره شاهد چيو ته حضور نبي آخر الزمان ﷺ جي زندگي هر مسلمان جي لاءِ رول ماڊل آهي ۽ ان ج?? تعليمات تي عملدرآمد دنيا ۽ آخرت جي ڪنجي آهي. هن چيو ته 12 ربيع الاول جو ڏينهن مسلمانن لاءِ هڪ خصوصي ڏينهن آهي ڇ?? ته ان ڏينهن حضرت محمد ﷺ دنيا تي تشريف آندي. شاهيره شاهد چيو ته اسان کي پنهنجي نوجوان نسل کي ٻڌائڻ گهرجي ته اسلام جي تبليغ جي دوران حضور نبي ڪريم ﷺ ڪيترين مشڪلاتن کي منهن ڏنو ۽ ان جي طرز زندگي ڪهڙي هئي. هن چيو ته اسان پنهنجي نوجوانن کي ٻڌايون ته حضرت محمد ﷺ ج?? تعليمات تي عملدرآمد ڪري اسان پنهنجي زندگين ۾ ڪيئن بهتري آڻي سگهون ٿا، هن چيو ته نبي آخر الزمان ﷺ ج?? تعليمات کي سڄو سال ياد رکڻ گهرجي ۽ ان تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي.