اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته موجوده حڪومت جي سمورين پاليسين جو مقصد قيمتن ۾ اضافي جو ??ار گهٽ کان گهٽ عوام تائين منتقل ڪر?? آهي، سمورن قدمن جو مقصد عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪر?? آهي. هو ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ??ري??، خاص مددگار جمشيد اقبال چيمه سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان ضروري شين جون قيمتون گهٽ ڪر?? جون هدايتون ڏئي رکيون آهن، هن ٻڌايو ته نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪميٽي جو هفتيوار جلاس اربع ڏينهن وفاقي وزير شوڪت ??ري?? جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ سڄي ملڪ جي سطح تي 22 ڪروڙ عوام جي روزاني جي بنياد تي استعمال ٿيندڙ سين جي قيمتن جو ??ائزو ورتو ويو. قيمتن کي ڪيئن عوام جي پهچ تائين رکون ان حوالي سان ان پليٽ فارم تان فيصلا سازي ٿيندي آهي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ع??م ۽ محدود وسيلن وارن ماڻهن جو ??حساس آهي، موجوده حڪومت جي سمورين پاليسين جو محور ۽ مرڪز عام ماڻهو آهي. هن چيو ته عالمي سطح تي ڪووڊ جي دوران حالتون معمول تي نه آهن، پوري دنيا کي قيمتن ۾ اضافو درپيش آهي، شين جي پهچ لاءِ شپمنٽ ۾ بي شمار اضافو ٿيو آهي.