اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) 6 سيپٽمبر پا??ستان جي دفاع جو ڏهاڙو (اڄ) سومر ڏينهن قومي جوش ۽ جذبي س??ن ملهايو ويندو. 6 سيپٽمبر قوم جي حيثيت سان اسان جي اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط جي علامت آهي، ان ڏينهن دشمن جي عددي برتري جي گهمنڊ ۾ ناپاڪ ۽ ڪڌا ارادا ناڪام ٿيا، ان ڏينهن اسان گڏجي پا??ستان جو دفاع ڪيو، هي هڪ اهڙو ڏينهن آهي جيڪو اسان جي شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ انهن جي بهادري ۽ عظيم قربانين ک??ن متاثر ٿيڻ جو ڏينهن آهي. 1965ع جي مقابلي ۾ پا??ستان اڄ مضبوط روايتي ۽ غيرروايتي طاقت سان گڏ وڌيڪ فعال ۽ متحرڪ ملڪ بڻجي اڀريو آهي. ان سان گڏوگڏ پا??ستان جي عوام هٿياربند فوج سان گڏ هڪ نقطي تي آهي جيڪا پنهنجي ثابت قدمي، بي لوث عقيدت ۽ حب الوطني جي جذبي جي ڪري آزمايل آهي، شهيدن ۽ غازين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته نيڪ اعمال ۽ بهادري جا نوان باب لکي انهن جي شاندار ميراث کي برقرار رکيو وڃي جڏهن ته عوام ۽ هٿياربند فوج هڪ نئين جذبي سان گڏجي پا??ستان کي وڌيڪ محفوظ ۽ خوشحال بڻائڻ جي لاءِ اڳتي وڌي. پا??ست??ن معيشت، دفاع ۽ عوام جي ڀلائي جي لحاظ کان هڪ مضبوط ملڪ بڻجي. 6 سيپٽمبر اسان جي قومي تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آهي، هي اهو ڏينهن هو جڏهن پوري قوم هڪ جارحيت پسند جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اٿي بيٺي جيڪو افرادي قوت ۽ هٿيارن ۾ برتري رکندڙ هو، 6 سيپٽمبر جي جذبي کي ان جي روح موجب زندهه ۽ مضبوط بڻائڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته اسان پنهنجون توانايون پا??ستان کي سمورن ٻاهرئين ۽ اندروني خطرن جي خلاف مضبوط بڻائڻ جي لاءِ لڳايون. اسان جي ابن ڏاڏن جي تصور موجب هڪ ترقي پسند اسلامي فلاحي رياست جي اسان جي حقيقي سڃاڻپ کي ٻيهر زندهه ڪرڻ جي لاءِ 1965ع جي جذبي جي ضرورت آهي ۽ انهي جذبي سان عزم ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ته جيئن اسان جي سلامتي کي درپيش خطرن کي ڪاميابي سان ناڪام بڻائڻ ۾ م??د ملي. هن وقت پا??ست??ن ماضي جي مقابلي ۾ دنيا جي لاءِ وڌيڪ اهم آهي، پا??ستان پنهنجي ساک امن جي حصيدار طور تي ٺاهي آهي. دنيا جي تڪرارن جي حل لاءِ پا??ستان جون قربانيون تمام گهڻيون آهن، پا??ستان خطي ۽ دنيا جي امن لاءِ مخلصاڻي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ دنيا انهن ڪوششن کي تسليم ڪري رهي آهي. پا??ستان پنهنجو پا?? کي سمورن روايتي ۽ غيرروايتي چئلينجن جي لاءِ تيار ڪيو آهي، انهن سڀني جي باوجود اسان تڪرارن جي پرامن حل کي فروغ ڏئي رهيا آهيون. هن ڏينهن اسان کي مادن وطن جي حيثيت سان پا??ستان س??ن محبت ۽ پا??ستان جي اندر ۽ ٻاهر امن س??ن محبت ڪرڻ جي نعرن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي.