اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ جديد علم ۾ اعليٰ تعليم اهم حيثيت رکي ٿي، وفاقي حڪومت اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ ج?? حوالي سان جائزه اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير اسد عمر، چوڌري فواد ??سين ۽ شفقت محمود، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، وزيراعظم جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت ٽاسڪ فورس جي چيئرمين ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان، منصوبابندي ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي سيالڪوٽ انجنيئرنگ يونيورسٽي قائم ڪرڻ تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ??يو. اجلاس کي ٻڌايو ??يو ته ان 16.69 ارب رپين جي ماليت جي منص??بي جي لاءِ ايڪنڪ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ??يو ته اٺين، نائين ۽ ڏهين ڪلاسن جي نصاب ۾ سيرت النبي ﷺ جي تعليم شامل ڪئي پئي وڃي ۽ انهن ڪلاسن جي لاءِ نئون نصاب جلد جاري ڪيو ??يندو. وزيراعطم چيو ته نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ جديد علم ۾ اعليٰ تعليم اهم حيثيت رکي ٿي تنهن ڪري حڪومت ان رخ تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي.