اسلام آباد -21 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي اسلامي سهڪار ت??ظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر يوسف العثمين سان ٽيليفونڪ رابطي تي افغانستان ??ي موجوده صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس مان ??اري بيان مطابق پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ??فغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجو تعميري ۽ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن ان ??ميد جو اظهار ڪيو ته افغان ??ڳواڻ پنهنجي گڏيل اختلافن جي خاتمي ۽ جامع سياسي تصفيه لاءِ جاري ڳالهين مان فائدو کڻندا. شاه محمود قريشي چيو ته ڪابل ۾ جاري ڳالهين جي ڪاميابي نه صرف افغانستان پر سڄي خطي لاءِ بهتري جو سبب بڻجندي. هن چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغان ??هرين جي سيڪيورٽي ۽ انهن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. پرڏيهي وزير عالمي برادري تي زور ڀريو ته اها افغانستان ??ي بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ افغانين کي معاشي معاونت جي فراهم لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته مسلم امت تي به اها ذميواري لاڳو ??ئي ٿي ته هو پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان لاءِ افغانستان يڪجهتي جو مظاهرو ڪري. هن چيو ته اسان ڪابل ۾ هڪ اهڙي وسيع بنيادن واري حڪومت جا خواهشمند آهيون. پرڏيهي وزير سيڪريٽري جنرل کي افغانستان ??ي اندر ۽ ٻاهر ڪيترين ئي امن مخالف قوتن (اسپائيلرز) جي موجودگي جي خطري بابت به آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ڪابل ۾ واپسيءَ جي منتظر مختلف ملڪن جي سفارتي عملي، عالمي ادارن جي ڪارڪنن ۽ ميڊيا نمائندن جي نيڪالي لاءِ پاڪستان ??رفان فراهم ڪيل معاونت بابت به آگاهه ڪيو. سيڪريٽري جنرل پرڏيهي وزير کي اڄ 22 آگسٽ تي جده ۾ افغانستان ??ي حوالي سان منعقد ٿيندڙ او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي هنگامي اجلاس بابت آگاهه ڪيو.