اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ج?? احتساب پاليسي واضح آهي، سمورا شهري قانون ج?? نظر ۾ برابر آهن، چاهي اپوزيشن اڳواڻ هجي يا ڪ??بي??ا جو ميمبر، الزام لڳندا ته جاچ ٿيندي ۽ جوابدهي جو اص??ل لاڳو ٿيندو، اها ئي نظام جي تبديلي آهي جنهن ج?? واع??و هو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عمران خان ج?? حڪومت ۾ ئي ٿي سگهي ٿو ته جيڪڏهن الزام لڳن ته جاچ ٿيندي آهي، نون ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي دور ۾ ميڊيا جا گلا ويهي ويندا هئا پر مجال آهي جو جُون به چري، اها ئي نظام ۾ تبديلي آهي حڪومتي اهلڪارن کي احتساب جو خوف ٿيڻ گهرجي، طاقتور ترين ماڻهن به قانون کان مٿانهان نه آهن.