اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ين??ٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان هڪ ذميدار ۽ پرامن ملڪ آهي، پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ ڀ??رت ڪوڙ ۽ الزامن جو سهارو وٺندو آهي، ڊس انفوليب جي تازي رپورٽ ثابت ڪري ڇڏيو ته ڀ??رت ڪوڙ ۽ جعل سازي ۾ ان حد تائين وڃي سگهي ٿو، دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت جو دعويٰ ڪندڙ هندستان پنهنجي حرڪتن جي ڪري بي نقاب ٿي فاشسٽ ملڪ جي طور تي اڀريو آهي، ڀارتي هٿڪنڊن ۽ هندتوا نظريي مان خطي جي امن کي خطرا درپيش آهن. عالمي برادري جي خاموشي ۽ ٻٽو معيار سواليه نشان آهي، هو انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز (آءِ ايس ??يس) ۾ ”هند توا ذهنيت ۽ ڀ??رت جي توسيع پسنداڻي عزائم کي سمجهڻ“ جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو.