اسان جي حڪومت کي غيرسنجيده ۽ نالائق مخالف ڌر ملي، انهن ماڻهن کي بنا ڏسڻ جي هر قدم رد ڪرڻ جي عادت آهي: چوڌري فواد حسين

image
APP40-070921 ISLAMABAD: September 07 - Federal Minister for Information and Broadcasting Chaudhry Fawad Hussain briefing the media about the decisions taken in the Federal Cabinet meeting at PM Office, Auditorium. APP photo by Irshad Sheikh

اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اسان جي حڪومت کي غيرسنجيده ۽ نالائق مخالف ڌر ملي، انهن ماڻهن کي بنا ڏسڻ جي هر قدم رد ڪرڻ جي عادت آهي، ٻنهي پارٽين کي چونڊ سڌارن ۾ ڪا دلچسپي نه آهي، انهن جي سياست پنهنجي خلاف عدالتي فيصلن جي التوا تائين محدود ٿي چڪي آهي، پي ٽي آءِ واحد پارٽي آهي جيڪا چونڊ سڌارن جي ڳالهه ڪري رهي آهي، زرداري يا نواز شريف ڪڏهن به چونڊ سڌارن جي ڳالهه نه ڪئي، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي ٻئي پارٽيون ڌانڌلي سان اقتدار ۾ اينديون رهيون، چونڊون شفاف ٿين ته انهن جو ڪو سياسي مستقبل نه آهي، اسان سڌارن جي ذريعي ادارن کي منافعو ڏيندڙ بڻائڻ جي پاليسي تي عمل پيرا آهيون، اسلام آباد ۾ غريبن کان زمينون حاصل ڪري انهن جو استحصال ڪيو ويو، فلم انڊسٽري ۽ سئنيما جي بحالي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي، وفاقي ڪابينا سردار علي خان کي پنجاب جو نئون آءِ جي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اسلام آباد ۾ زمين حاصل ڪرڻ ۽ الاٽمينٽ جي معاملي تي ذيلي ڪميٽي قائم ڪرڻ، نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان جي دوري لاءِ سيڪيورٽي پلان، طب بابت نيشنل ڪائونسل جي ميمبرن جي مقرري، روز ويلٽ هوتل نيويارڪ جي رهتن جي ادائيگي لاءِ فنڊز، روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ پورت چارجز ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي، اين آءِ آر سي ۾ چار ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏني وئي، برطانيا پاران پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ رکڻ جو معاملو پن ڪابينا ۾ غور هيـٺ آيو جڏهن ته وفاقي ڪابينا کي چونڊ سڌارن ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال بابت اڳڀرائي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ سدائين وانگر چونڊ سارن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ آئي ووٽنگ، چونڊ سڌارن ۽ اي وي ايم بابت تفصيلي موقف پيش ڪيو. هن چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي پهرين حڪومت آهي جيڪا اقتدار ۾ رهي چونڊ سڌارن جي ڳالهه ڪري رهي آهي، اڄ تائين نواز شريف يا زرداري جي واتان چونڊ سڌارن بابت هڪ لفظ ناهي ٻڌو، اڄ تائين ڪا اهڙي اليڪشن نه آهي جنهن ۾ انهن ٻنهي پارٽين ڌانڌلي کانسواءِ اليڪشن کٽي هجي. هن چيو ته اهي پارٽيون سسٽم کي بدلائڻ ۾ دلچسپي نه ٿيون رکن، جيڪڏهن نظام شفاف ٿئي ٿو ته انهن جو ڪو مستقبل نه آهي، مريم نواز ۽ بلاول رڳو انهي صورت ۾ وزيراعظم بڻجي سگهن ٿا ته وڏي پئماني تي ڌانڌلي ٿئي ۽ اهي اقتدار ۾ اچي وڃن. هن چيو ته اسان جيڪي به سڌارا آندا آهن اهي پارٽيون گهر ۾ ويهي هڪ لائين جو بيان جاري ڪري ڇڏين ٿيون ته اسان نه ٿا مڃون، ان کان وڌيڪ غيرسنجيده ۽ نالائق مخالف ڌر پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن حڪومت کي نصيب نه ٿي. هن چيو ته بدقسمتي سان اسان کي اهري طرح جي سياسي قوتن کي آفر ڪرڻي پوي ٿي جو اهي اچن، اسان سان گڏ ويهن ۽ ان معاملي تي اڳتي وڌن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي سياست رڳو عدالتي فيصلن جي التوا تائين محدود ٿي چڪي آهي، انهن کي سڌارن سان ڪا دلچسپي نه آهي ۽ نه ئي سياسي نظام کي مستحڪم ڪرڻ ۾ انهن جو ڪو ڪردار آهي. هن چيو ته پوري دنيا ۾ افغانستان جي مٿان ڳالهه ٿي رهي آهي، اسان (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي پاران ان بابت ڪا ڳالهه ناهي ٻڌي ته انهن جي ڪهڙي سوچ آهي، اهي پاڪستان جي ڪردار کي ڪهڙي طرح وٺن ٿا. هن چيو ته اسان پاڪستان ۾ چونڊ سڌارا آڻڻ چاهيون ٿا، عوام جي مدد سان اسان اهي سڌارا آڻي سگهنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا ڪامران علي افضل کي پنجاب جو نئون چيف سيڪريٽري ۽ رائو سردار علي خان کي پنجاب جو نئون آءِ جي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني، اهڙي طرح مريم خاور کي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر پاڪستان ايڪسپو سينٽرز (پرائيويٽ) لميٽيڊ مقرر ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ اٿارٽي پاران سرڪاري ملازمن بشمول ججن ۽ صحافين کي پلاٽس ڏيڻ جي حوالي سان زمين حاصل ڪرڻ ۽ پلاٽس جي ورڇ بابت طريقيڪار ۽ سفارشون ڪابينا آڏو پيش ڪيون ويون. وزيراعظم ان پراسيس تي سخت خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته اهو قطعي طور تي مناسب نه آهي ته غريب ماڻهن کان زبردستي زمين حاصل ڪري مخصوص طبقن کي فائدو پهچايو وڃي. هن چيو ته بدقسمتي سان ان عمل ۾ غريب ماڻهن جو استحصال ڪيو ويو، جن ماڻهن جي ملڪيتي زمينون هيون، انهن کان حاصل ڪري من پسند بيوروڪريٽس ۽ صحافين کي پلاٽس ڏنا ويا. مستقبل جي لاءِ وزيراعظم منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي جنهن ۾ انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، قانون وارو وفاقي وزير فروغ نسيم ۽ پارلياماني معاملن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ شامل آهن. هن ٻڌايو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پڻ ان عمل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ناڻي واري وزارت جا ادارا امپلي مينشن اينڊ اڪنامڪ ريفارمز يونٽ (آئي اي آر يو) پاران جوڙيل سرڪاري ادارن (ايس او ايز) جي مالي صورتحال سال 18 – 2017ع ۽ 19 – 2018ع ڪابينا آڏو پيس ڪئي وئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته مالي سال 18 – 2017ع ۾ سرڪاري ادارن کي 286 ارب رپيا نقصان درپيش هو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته 19 – 2018ع ۾ منافعو 31 ارب رپيا (اين ايڇ اي کي ڪڍي) ۾ تبديل ٿي ويو. اها بهتري حڪومت پاران اداراجاي سڌارن جي قدمن، سرڪاري ڪمپنين جي بورڊ اف ڊائريڪٽرز ۽ سربراهن جي وقت سر ۽ ميرٽ تي مقرري ۽ مالي نظم ۽ ضبط کي يقيني بڻائڻ جي ڪري ممڪن ٿي اهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته 20 – 2019ع جي رپورٽ جوڙي پئي وڃي جيڪا جلد پيش ڪئي ويندي. هن ٻڌايو ته اين ايڇ اي ۾ به سڌارا آندا ويا آهن، (ن) ليگ رستن جي حوالي سان جيڪي قدم کنيا، ان جي نتيجي ۾ ادارا ويهي رهيا هئا، هاڻي وڏا سڌارا آندا پيا وڃن، اميد آهي ته ان حوالي سان صورتحال وڌيڪ بهتر ٿيندي. چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان جي دوري جي ڏس ۾ سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو ۽ سيڪيورٽي جي ضرورتن موجب قدمن جي منطوري ڏني. ڪابينا ان ڳالهه کي ورجايو ته مهمان ٽيم کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. هن ٻڌايو ته نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جو آخري پاڪستان جو دورو سيڪيورٽي جي حوالي سان خوشگوار نه هو، ان کي نظر ۾ رکندي نيوزيلينڊ کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. هن ٻڌايو ته ڪابينا ريڊيو پاڪستان جي ملازمن تي ايسنشل سروسز ايڪٽ لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ م ري ايڊميشن بابت هڪ مفاهمتي ياداشت تي صحيحون ڪرڻ جو معاملو ملتوي ڪري ڇڏيو. ان مفاهمتي ياداشت ذريعي هڪ چارٽرڊ فلائيٽ کي برطانيا کان اسلام آباد اچڻ جي اجازت ڏيڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ 123 پاڪستانين کي ري ايڊميشن نظام تحت پاڪستان آڻڻو هو. هن ٻڌايو ته برطانيا سان ريڊ لسٽ جي حوالي سان ڊاڪٽر فيصل سلطان جي برطانيا جي چيف ميڊيڪل سائنٽسٽ سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ڪافي حد تائين ايشوز حل ڪيا ويا آهن، اميد آهي برطانوي حڪومت پنهنجي پاليسي جو جائزووٺندي. ان ايجنڊي کي ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ملڪ ۾ سئنيما انڊسٽري جي بحالي لاءِ نان انڊين پنجابي فلمن کي پاڪستان ۾ اجازت ڏيڻ جي تجويز وفاقي ڪابينا ۾ پيش ڪئي وئي هئي، ڪابينا چيو آهي ته ان کي رڳو نان انڊين پنجابي فلمن تائين محدود نه رکيو وڃي پر ڀارت کانسواءِ ٻين ملڪن مان فلمن کي پاڪستان ۾ درآمد ڪيو وڃي. وفاقي ڪابينا هدايت ڪئي آهي ته ترڪيءَ ۽ ٻين مسلمان ملڪن سان فلمون درآمد ڪرڻ جي تجويز ڪابينا آڏو پيش ڪئي وڃي، ان حوالي سان سمري ۾ ترميم ڪري ٻيهر ڪابينا آڏو پيش ڪئي ويندي. هن ٻڌايو ته 1970ع جي ڏهاڪي ۾ اسان وٽ 780 سئنيما گهر هئا جيڪي هاڻي 78 رهجي ويا آهن، جيڪڏهن سئنيما ۽ فلم جي بحالي جي لاءِ فوري قدم نه کنيا ويا ته اها صنعت بلڪل بند ٿي ويندي. اسان سئنيما جي بحالي جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون ۽ ڪ فلمي پئڪيج پڻ آندو پيو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته Remdesivir جي 100 ايم جي واري انجيڪشن جي ريٽيل پرائس 5680 رپين مان گهٽ ڪري 3967 رپيا مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. ان انجيڪشن جي ڪوويڊ جي مريضن کي ضرورت هوندي آهي. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا طب بابت نيشنل ڪائونسل جي ميمبرن جي مقرري جي پڻ منظوري ڏني. اهڙي طرح پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن جي ملازمن جي لاءِ والنٽري سيورنس اسڪيم ۽ گولڊن هينڊ شيڪ اسڪيم جي منظوري پڻ ڏني وئي. هن ٻڌايو ته ڪابينا شڪيل احمد مڱڻيجو (پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس گريڊ 21) کي ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا هدايت ڪئي ته مستقل طور تي چيئرمين جي مقرري جو عمل تيز ڪيو وڃي. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 31 آگسٽ 2021ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. ان اجلاس ۾ روز ويلٽ هوٽل جي مالي معاملن، 42 ڪنٽونمينٽ بورڊ جي اليڪشنز جي حوالي سان 215 ملين رپين جي فني اضافي گرانٽ ۽ ڪوويڊ جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي معاونت جهڙن معاملن جي حوالي سان فيصلا ڪيا ويا هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪابينا ٽرانسپورٽ اينڊ لاجسٽڪس بابت ڪميٽي جي پهرين سيپٽمبر 2021ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي وئي. ايڪسپورٽ ڪارگو جي ڏس ۾ پورٽ چارجز ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ جوائنٽ سيڪيورٽي ڪميشن قائم ڪرڻ جي حوالي سان بين الحڪومتي (انٽر گورنمينٽل) پروٽوڪول تي صحيحون ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ جوائنٽ سيڪيورٽي ڪميشن قائم ڪيو آهي، وزيراعظم جي ازبڪستان جي دوري جي نتيجي ۾ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ تمام مضبوط سياسي اسٽريٽجڪ لاڳاپا قائم ٿيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪابينا سي پيڪ اٿارٽي جي قانونن، پاڪستان فوڊ سيڪيورٽي فلو اينڊ انفارميشن آرڊيننس ۽ ڊيولپمينٽ آف نيشنل ڊيٽا ريپوزٽري ڊيٽا پروٽيڪشن اينڊ شيئرنگ آف ڊيٽا جي حوالي سان قانونسازي بابت ڪابينا ڪميٽي جي فيصلن جي توثيق ڪئي. هن چيو ته نادرا کي نيشنل ڊيٽا ريپوزٽري قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، ڊيٽا سيڪيورٽي جا جيڪي مسئلا هلي رهيا هئا، ان جي حل جي لاءِ نادرا ۾ نيشنل ڊيٽا ريپوزٽري قائم ٿيندي، جيڪو هڪ سنگ ميل آهي. پاڪستان دنيا جو پهريون ملڪ آهي جنهن 20 ڪروڙ ماڻهن کي سڃاڻ ڪارڊ جاري ڪيا، 16 ڪروڙ موبائيل فون صارفين جا فنگر پرنٽ حاصل ڪيا، مشين ريڊ ايبل پاسپورٽ جاري ڪيا، اڄ جيڪو قدم کنيو ويو آهي اهو ڊيٽا جي لاءِ تمام اهميت رکندڙ آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا نيشنل انڊسٽري ريليشنز ڪميشن (اين آئي آر سي) جي چئن ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏني جنهن ۾ نور زمان، مختار، عبدالقيوم ۽ سهيل اڪرم شامل آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جاويد لطيف هڪ سياسي جوڪر آهي، هو چاهي ٿو ته ڪنهن طريقي سان فوج کيس لفٽ ڪرائي، سندس پنهنجي ڪا سياسي حيثيت نه آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاليسيون سياسي حڪومت کي ڏيڻيون هونديون آهن، آمريڪا ۾ به بيوروڪريٽڪ ۽ ملٽري ليڊرشپ هر ڏيڍ ٻن سالن کانپوءِ تبديل ٿيندي آهي، پوري دنيا ۾ اهڙي طرح جون تبديليون ٿينديون رهنديون آهن، بيوروڪريٽڪ تبديلين سان پاليسين تي ڪو فرق نه پوي، پاليسيون ڏيڻ سياسي قيادت جو ڪم آهي. هڪ ٻئي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان جي اڪثر سياسي قيادت کي ٽيڪنالاجي جي اي بي سي جي به خبر نه آهي، جنهن رفتار سان دنيا م تبديليون ٿي رهيون آهن اسان ان سان پنهنجو پاڻ کي هم آهنگ نه ڪيو ته نقصان اسان جو ٿيندو. انهي جي ڪري سڌارن ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال لازمي آهي. جيڪڏهن ان کي استعمال نه ڪنداسين، ٽيڪنالاجي نه آڻينداسين ته اسان پٺتي رهجي وينداسين.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج