اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته الحمد الله! اڄ پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت جا ٽي سال مڪمل ٿي چڪا آهن، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ مديني جي رياست وانگر فلاحي رياست جي قيام طرف گامزن آهيون، پهريون ڀيرو ملڪ گير سطح تي بي سهارا ۽ پيڙهيل طبقن لاءِ پناهه گاهون ۽ لنگر خانا قائم ڪيا ويا آهن، ماحولياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ اسان جي وڻڪاري مهم ۽ قدمن جو اعتراف دنيا ڪري رهي آهي، وزيراعظم عمران خان جي ڏور رس پاليسين ۽ دانشمنداڻي فيصلن سان ملڪ ترقي ۽ عوام خوشحالي جي شاهراهه تي گامزن آهي،
ٽن سالن جي اڻٿڪ محنت، ڏينهن رات ڪم جا ثمر عوام تائين پهچي رهيا آهن، پي ٽي آءِ ڪنهن به مرحلي ۾ مخالف ڌر ۽ پي ڊي ايم جي احتجاج، ڌرڻن، استعيفائن ۽ ڌمڪين کان نه گهٻرايو، ڪووڊ – 19 اچڻ کان وٺي اڄ تائين حڪومت جي ڪامياب حڪمت عملي سان پاڪستان ۾ ان وبا سان دنيا جي ڀيٽ ۾ گهٽ جاني نقصان ٿيو، ان وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ اين سي او سي جي پليٽ فارم تان مسلسل 500 ڏينهن صوبائي حڪومتن جي جامع رابطن، مثالي تعاون جي ڪري ڪاميابيون حاصل ٿيون، اسان کي حڪومت ملي ته ملڪ معاشي طور تي ڊيفالٽ جي چائنٺ تي هو، عمران خان جي معاشي ٽيم جي محنت سان هر سال جي ڊي پي ۾ بهتري آندي، گذريل مالي سال ۾ جي ڊي پي 4 سيڪڙو هئي.
پي ٽي آءِ حڪومت جا 3 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته لارجر اسڪيل مينوفيڪچرنگ 14.3 سيڪڙو گروٿ ڏيکاري، جنهن سان مجموعي طور تي واڌ جي شرح ۾ اضافي ۾ مدد ملي، اڄ ملڪي روانگي واپار 25.3 ارب ڊالر آهي، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا، روانگي واپار ۽ مٽاسٽا جو ناڻو 3 سالن جي بلند ترين سطح تي بيٺل آهي، خدمتن جي شعبي ۾ آءِ ٽي دنيا ۾ ايترو بهتر مقام بڻايو، پهريون ڀيرو آءِ ٽي برآمدات 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ ٿي، مٽاسٽا جو ناڻو 29.4 ارب ڊالر کان ٽپي ويو، هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا جيڪي 19 -2018ع ۾ 7 ارب ڊالر تي هئا هاڻي 17 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهن جيڪي 4 سالن جي بلند ترين سطح آهي. هن چيو ته ڪامياب جوان پروگرام تحت 13 هزار نوجوانن ۾ 15 ارب روپين کان وڌيڪ جي رقم ورهائي وئي، پهريون ڀيرو 40 کان 60 لک خاندانن کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ ڪامياب پاڪستان پروگرام شروع ڪيو ويو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت انهن ٽن سالن دوران اهڙن پروگرامن ۽ منصوبن جو آغاز ڪيو جيڪي 71 سالن جي تاريخ ۾ ممڪن نه ٿي سگهيا هئا،
هن چيو ته 1000 ارب روپين جي سيڙپڪاري جا ڪمرشل ۽ رهائشي منصوبا منظور ٿي چڪا آهن، گهٽ آمدني وارن گهرن لاءِ 145 ارب روپين جون درخواستون مليون آهن، 45 ارب روپين جا قرض منظور ٿي چڪا آهن، عمران خان هن وقت پاڪستان ۾ واحد اڳواڻ آهي جيڪو ايندڙ نسلن لاءِ لانگ ٽرم منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي، لاڳاپيل 120 صنعتن ۾ 4100 ارب جون معاشي سرگرميون ٿينديون ۽ مجموعي طور تي 7 لک روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، هن وقت تائين 20 هزار گهٽ آمدني وارا هائوسنگ يونٽس مڪمل ٿي چڪا آهن. جڏهن ته نئون پاڪستان هائوسنگ ڊولپمينٽ اٿارٽي 70 هزار گهرن جي پراجيڪٽس کي شارٽ لسٽ ڪري ورتو آهي، هن چيو ته صحت انصاف ڪارڊ اسان جي حڪومت جو فليگ شپ منصوبو آهي، خيبرپختونخوا جي پوري آبادي کي صحت انصاف ڪارڊ فراهم ڪيو ويو آهي،
هن سال پنجاب جي پوري آبادي کي صحت هيلٿ ڪارڊ ڪوريج ملي ويندي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته احساس پروگرام جي ذريعي پِيڙهيل طبقن جي خدمتن ڪري رهيا آهيون. احساس پروگرام کي وڌائي 260 ارب ڪيو ويو آهي، هن چيو ته روشن ڊجيٽل اڪائونٽ جو 11 مهينن جي ٿوري مدي ۾ 2 ارب ڊالر کان ٽپڻ اوورسيز پاڪستانين جي عمران خان جي پاليسين تي اعتماد جو اظهار آهي. هن چيو ته ديامرڀاشا ڊيم، داسو هائيڊرو پاور، مهمند ڊيم، هريپور پاور پراجيڪٽ، ڪچي ڪينال، سنڌ بيراج، ڪي فور واٽر سپلائي پراجيڪٽ، ڪُرم تنگي ڊيم، ۽ نئين گاج ڊيم پراجيڪٽ تي ڪم تيزي سان جاري آهي، پاڻي جي ذخيرن جا اهي 10 منصوبا مڪمل ٿيڻ سان ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ 28 لک 90 ايڪڙ فوت پاڻي ذخيرا هوندا، انهن منصوبن مان سستي پن بجلي جي پيداوار ۾ 9043 ميگاواٽ اضافو، 35 هزار کان وڌيڪ نوڪريون جا موقعا ميسر ايندا. 70 سالن ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ ۽ زمين کي آباد ڪرڻ جا جيترا منصوبا لڳايا ويا، ايترو انهن 10 آبي ذخيرن جي منصوبن تي تڪميل سان ممڪن ٿي سگهندو.