وزيراعظم پاران گلگت ۾ بلند سطح تي موجود ٻن نئين نيشنل پارڪس جو اعلان

image
APP47-021220 GILGIT: December 02 - Prime Minister Imran Khan inaugurating the Himalaya National Park and Nanga Parbat National Park. APP

اسلام آباد / گلگت – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گلگت بلتستان ۾ بلند سطح تي موجود ٻن نئين نيشنل پارڪس جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب 3600 مربع ڪلوميٽر جي وڏي زمين تي ٻڌل اهي پارڪس گلگت بلتستان جي ڪل ايراضي جي 5 سيڪڙو حصي تي پکڙيل آهن. ”هماليه نيشنل پارڪ“ ۽ ”نانگا پربت نيشنل پارڪس“ اونچن علائقن جا منفرد ماحولياتي علائقا آهن جتي موجود جنگي جيوت ۾ ناياب ٻوٽا ۽ جنگي جانور شامل آهن، انهن ۾ سرفهرست برفاني چيتا، هماليائي ڀورا رڇ، لداخ اڙيال، آئي بيڪس، مارخور ۽ ڀيڙ شامل آهن.

مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار